دستور العمل

دستور العمل

دستور العمل

دستور العمل (ثاني): هي قلمي ڪتاب رامچند مهتا ٺٽويءَ جو فارسي نظم توڙي نثر ۾ لکيل آهي جيڪو پراڻي دور ۾ منشي ٿيڻ لاءِ لازمي پڙهبو هو. هي ڪتاب ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيو ويو هو. ڪتاب ان وقت مڪتبن ۾ ’منش جي نصاب‘ طور پڙهايو ويندو هو هن قلمي نسخي جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
... ”دوکان برست آمدت...“
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿيو:
”... شڪل گردون گره و صورت اختر گره است
کارم از انجم افلاک گره در گره است.
هي قلمي نسخو خط شڪسته ۾ ڪتابت ٿيل آهي، جيڪو 116 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ڪاتب جي خبر نٿي پوي پر اهو نسخو 15 رمضان 1261هه (17 سيپٽمبر 1845ع) ۾ ڪتابت ڪيو ويو. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


لفظ دستور العملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو